پورهيتن جو ڏينهن
پورهيتن جو ڏينهن
(رشيد ڀٽي)
سڄي دنيا ۾ 1_مئي جي ڏينهن کي ”پورهيتن جو ڏينهن“ ڪري ملهايو ويندو آهي. 1886ع ۾ آمريڪا جي مزدورن ۽ پورهيتن دنيا ۾ سرمائيدارن ۽ نفعي خورن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ ان ڏينهن سج اڀرڻ سان ئي لکين مزدور شڪاگو ۽ ٻين شهرن جي گھٽين ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجا حق گھري رهيا هئا. هنن جي مکيه گھر اها هئي ته ”هو 16 يا 18 ڪلاڪن بجاءِ رڳو اٺ ڪلاڪ روز ڪم ڪندا“.
اهڙي ڳالهه سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن کي ڏکي لڳي،جنهن ڪري سندن حقن کي نظر انداز ڪري سندن جاين تي ٻيا مزدور کنيا ويا. ان حالت مزدورن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ جو احساس ڏياريو۽ مزدور جماعتن (TRADE UNIONS) جو بنياد پيو. ڪارخانا به ڏينهون ڏينهن بند ٿيڻ لڳا ۽ مزدورن کي حق ڏيڻ بدران گولي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي شهر جي رستن تي رت جون ناليون وهڻ لڳيون. اهڙو وڏو قيس ڏسي به پورهيت پنهنجي مطالبن تان نه هٽيا ۽ انهن مزدورن جا رت رڱيل ڪپڙا جھنڊن جي صورت ۾ شاهي رستن تي عام ڏسڻ ۾ آيا. جن سرمائيدارن جي سينن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا. هنن ڀانئيو ٿي ته رت جا ريج ڪري حق جي آواز کي دٻائي وٺنداسين. پر اها سندن ڀُل هئي. حق کي نه اڳ ڪو دٻائي سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪو دٻائي سگھندو. هو مانجهي مڙس به ڊڄڻ وارا نه هئا، ڇو جو سرمائيدارن جو سرمايو هي مزدور هئا. هو پنهنجو رت ساڙي لکين ميٽرڪ ٽن ڪوئلو کاڻين مان کوٽي ڪڍن ٿا. پر وٽس ايترو ڪوئلو ناهي جو هو ٻه ڏينهن پنهنجي چلهه ٻاري سگھي. هو هڏ ٿڪائي هزارين ميٽر ڪپڙو اُڻي ٿو، پر بُتَ تي پهرڻ لاءِ کيس ڪپڙو نٿو نصيب ٿئي. اهي ناانصافيون آخر مزدور ڪيستائين سهي؟ آخرڪار شڪاگو جي شهيدن جي رت رنگ لاتو۽ دنيا کي اٺن ڪلاڪن واري اصول کي مڃڻو پيو.
اڄُ به سڄي دنيا جا مزدور هر سال 1_مئي تي انهن شهيدن کي سلام ڪري پنهنجي هلچل ۾ نئين جان وجھندا آهن. بيشڪ ايثار ۽ قرباني کانسواءِ انساني رواداري ۽ سلوڪ هرگز حاصل نٿو ٿي سگھي. غير برابري ۽ بي انصافي جو خاتمو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن اسين متحد رهنداسين. اهو ئي اسلام جو درس آهي..

Reviewed by bhangwarblogspot
on
2:26 AM
Rating:
No comments: