شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر

شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر : نذير ناز
دنيا جي تاريخ ۾ مختلف دؤرن ۾ آيل فلاسافي ۽ آئيڊيالوجيءَ جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو، ته ڪيترائي قدر سڀني مذهبن ۾ هڪ جهڙا نظر اچن ٿا، جيڪي مذهبن جي وحدتِ فڪر ڏانهن رهنمائي ڪن ٿا. اهڙي ريت تصوف جي تاريخ جو مطالعو اُهو واضح ڪري ٿو ته هي فڪر، جدا جدا دؤر ۾ هئڻ جي صورت سان پنهنجي جملي خاصيتن، رمزن، شناسائين جي باوجود هڪ تسلسل رکي ٿو، جنهن جي جامع صورت اسان کي ڀڳتي تحريڪ جي ويدانت ۽ تصوف ۾ ملي ٿي.
ڀڳتي تحريڪ هندستان جي تاريخ جي دؤر 700ع کان 1600ع ۾ اُڀري، ڀڳتيءَ تحريڪ جو بنياد ٽن عنصرن تي رهيو. هڪ پريم، ٻيون ارپنا ٽيون هيڪڙائي. انهن ٽن عنصرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄن ذريعي ڳائي انهن جذبن جو پرچار ڪيو ويندو هو، ڀڳتي تحريڪ جا پيروڪار، هيڪڙائيءَ/وحدانيت کي مڃيندڙ هيا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا.
ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته هيءَ هندستان ۾ نئين سجاڳيءَ جي لهر هئي. اها پهرين ته مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي. ڇاڪاڻ ته هندو مذهب مختلف طبقاتي اصولن تي ٻڌل هو جنهن ۾ سڀ کان اعلى طبقو برهمڻ جو هو، ان ڪري اعلى طبقي جا ماڻهو گهٽ ذات وارن سان غيرانساني سلوڪ ۽ پوري طرح ناانصافي ۽ اڻ برابريءَ وارو ورتاءُ رکندا هئا، ۽ هڪ طرح اهي اعلى طبقن ۽ ذاتين جا غلام بنجي رهجي ويا هئا. جڏهن ڀڳتيءَ تحريڪ جي ڀڳتن، مذهبن ۽ ذاتين ۾ برابريءَ جو پرچار ڪيو، تڏهن هيٺئين طبقي جا ماڻهو اڪثريت سان ڀڳتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا. هن تحريڪ جو پهريون مول متو اُهو هو ته، سڄي مخلوق جو خلقڻهار هڪڙو آهي، ٻيو ته انهن سڀني ذاتين ۽ برادرين ۾ انسان، ذات، پات ۽ ڌرم جي فرق کان سواءِ خدا جي نظر ۾ هڪ آهن. تصوف بنيادي طرح سان مذهب جو حصو آهي.
مذهب ڪهڙو به هجي، حقيقت ۾ جڏهن مذهب تي مفاد پرستن جو قبضو ٿي وڃي ٿو، ۽ خدا تائين پهچڻ تي مُلن برهمڻ ۽ پادرين وغيره جي اجاره داري ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ وحدانيت للڪار بڻجي سامهون اچي ٿي. تصوف ڪنهن حد تائين بغاوت به آهي. ان ۾ هڪ سجاڳيءَ جو پيغام به سمايل هو، اها سجاڳيءَ انهن انسانن لاءِ هئي، جيڪي مذهبي ٺيڪيدارن جي اڳيان يرغمال هئا. ڇاڪاڻ ته دنيا جي تقريباً سڀني صوفين جو نظريو هو ته مذهب جا ٻه روپ ٿين ٿا، هڪڙو ٻاهريون ٻيو اندريون.
ٻاهريون روپ اهو آهي، جيڪو عام فهم ۽ رسمي عبادتن ۽ رتبن وغيره تي ٻڌل آهي، ۽ ٻيو روپ اندريون وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي. يعني اندر جي صفائي سچائي. تصوف انسانن کي محبت، رواداري، ايثار، قرباني، همدردي ۽ ٻين بيشمار اعلى انساني قدرن جي پاسداري ڪرڻ سيکاري ٿو.
اها آهي ڀڳتيءَ تحريڪ جي تعريف، ۽ ڀڳتيءَ تحريڪ جا اهم اڳواڻ هئا شنڪر آچاريا، رامانج، ماڌو آچاريا، رامانند، ڪبير داس ۽ گرونانڪ.
هاڻي مان مختصر طور ڀڳت ڪبير داس جي باري ۾ عرض ڪنديس.
ڀڳت ڪبير داس جي شاعريءَ منجهان اها ڳالهه واضح طور چِٽي آهي، ته هن پنهنجي دوهن ذريعي مذهبي ريتن ۽ رسمن تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪيون آهن. ڀڳت ڪبير داس پنهنجي دؤر جي عقيدائي نظام جي ظاهري طريقه ڪار ۽ اڻ برابريءَ جي سلوڪ کي ناپسند ڪيو آهي. هو هڪ لحاظ کان پنهنجي دؤر جو ترقي پسند سوچ رکندڙ هو، جنهن ۾ هندو ٻائي ۽ مسلمان مُلي جي ڪابه گنجائش نه هئي. هتي هيءَ ڳالهه به ضروري آهي، ته ڀڳت ڪبير داس، روايت پسنديءَ جي بلڪل خلاف هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا مثال قائم ڪيا، جيڪي روايت پسنديءَ ۽ ڪٽر ڌرمي پوئواريءَ جي ٽوڙ لاءِ اهم ثابت ٿيا.
اهڙيءَ طرح شاهه عبداللطيف جي دؤر ۾ سياسي ۽ مذهبي حالتون بد کان بدتر هيون. انهي دؤر ۾ مذهب جي رکوالن ۾ جنون ۽ ڪٽرپڻو ڀريل هو. سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت جا جذبا پيدا ڪرائي ڇڏيا هئا. سنڌ جي هندن کي زور زبردستيءَ ۽ ڏاڍ جي طريقي سان مسلمان بنائڻ جي تحريڪ هلائي.
هندن جو زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پيو هو. اگر ڪنهن هندوءَ جي واتان “الله” لفظ نڪرندو هو ته، ان کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا. سنڌ جي هندن ۾ خوف، حراس پکڙجي ويو هو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهڻ لڳا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ همدرديءَ جو جذبو ختم ٿيڻ لڳو. هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳ واري محبت، ٻڌي ۽ هيڪڙائي نه رهي.
سنڌ ۾ ڏڦيڙ ۽ ٻيائيءَ جي فضا ڇائنجي وئي هئي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ڌارين جا سنڌ تي حملا، ڦرلٽ، افراتفري سنڌ ۾ هئي. انهن حالتن شاهه سائينءَ جي دل ۾ جذبهءِ فڪر ڀري ڇڏيو هو. انهيءَ فڪري جذبي، جنهن ۾ تصوف جو رنگ سمايل هو، جيتوڻيڪ تصوف جي انهن باريڪ نقطن کي هن فلسفيانه انداز ۾ بيان نه ڪيو آهي، پر هن جي خيالن، ان جي مقامات، مشاهدن، روحاني ڪيفيت، قلبي واردات کي ڪردارن وسيلي ٻوليءَ جي نهايت سهڻي صورت گريءَ سان پنهنجي شعر ۾ بهتر کان بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جيئن ڀڳت ڪبير داس جي شعرن ۾ انسانيت جو درد لڪل آهي. اُهو ئي درد شاهه سائين جي دل ۾ سمايل آهي.
ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
سنتو جا ڳت نيند نه ڪيجيئي،
ڪال نا کائي ڪلپ نه ويا پئي،
ديهه ذرا نه چهيجيئي.
مطلب ايڏي ننڊ نه ڪر جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، ڀرپور انداز سان ڪرڻو آهي نه سمهڻو آهي، ۽ سؤفيصدي هر هڪ پل سجاڳيءَ سان جيئڻو آهي.
شاهه سائين جي شعر ۾ به هڪ جهڙائي ۽ سجاڳيءَ جو پيغام آهي.
شاهه سائين فرمائين ٿا:
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
ٻيو وري هي درس ڏين ٿا:
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.
ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پيغام هڪڙو ئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن تي بي حسي طاري هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ سنڌي سماج لڳ ڀڳ ٻه سئو سال غلاميءَ ۾ گذاريا هئا. انهيءَ دوران سنڌ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون به هليون هُيون جن ۾ ڀڳت ميڪڻ بدين واري جي جوڳ تحريڪ، شاهه عنايت شهيد جي گيڙو فقيرن جي تحريڪ ۽ شهيد بلاول جي مريدن جي بلاولي تحريڪ ۽ انهن کان پوءِ ٻيون تحريڪون به هليون. انهن سڀني تحريڪن جا روح روان ۽ سرواڻ وقت جا وڏا عالم، درويش ۽ روحاني رهبر هئا. انهن سڀني تحريڪن جو مقصد هڪ هو، آزادي ۽ خوشحالي.
ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
مين ٿا، تب هري نهين، اب هري هي مين ناهين،
پريم گلي اتني ساڪري، تامين دو نه سمائين.
(ڪبير داس)
ڀڳت ڪبيرداس جي خيال مطابق دل ۾ ٻي محبت نٿي سمائجي سگهي. پريم جي گلي هڪ آهي، ٻي رستي نٿو هلي سگهجي.
-مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.
-ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.
(لطيف)
ٻنهي جو نظريو هڪ، ته جنهن پريت جو پيالو پيتو، تنهن جي دل ۾ فقط اُهو پريتم سمائجي سگهي ٿو، ٻي گنجائش هرگز ناهي، جيئن هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نٿيون اچي سگهن.
ڀڳت ڪبير داس چون ٿا:
جهيني جهيني ري بيني چدريا،

سو چادر سُرمني اوڙهي، اوڙهه کي ميلي ڪيتي چدريا،
داس ڪبير جتن سي اوڙهي، جئون ڪي تون دهر ديني چدريا!
(ڪبير)
هن دوهي جو مطلب:
رشي، مُني، علامه، “نر” يعني عام ماڻهو ۽ مُني مطلب ساڌو ۽ تارڪ الدنيا. انهن مڙني ساڳي چادر اوڍي پر آخر ۾ ميري ڪري لاٿائون، ڇو جو هنن ۾ پنهنجي ظاهري دنياوي عملن جي نتيجي طور دنيا جي مزي جو موهه موجود هو، پر ڪبير اهڙي موهه ۽ لذت کان پري رهيو ۽ نتيجي طور چادر جهڙي پاتائين، تهڙي لاٿائين!
ساڳيو خيال شاهه سائين هن ريت چوي ٿو:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
سُک نه سُتا ڪڏهين، لاهي لانگوٽي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
اهي ٻئي خيال هڪ جهڙا آهن. هڪ ئي پيغام آهي. هن دنيا ۾ انسان جهڙي طرح صاف سٿرو دنيا ۾ آيو آهي، پنهنجي پاڻ کي سمهجهي ته هُن جو جنم هن دنيا ۾ انهيءَ ڪري ٿيو آهي، پنهنجي عمل سان ڪردار سان اهڙو صاف سٿرو ٿي موٽي پنهنجي مالڪ ڏانهن وڃي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسان جا عمل نيڪ هوندا، پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري هوندي، انسانيت سان محبت ڪئي هوندي.
هاڻي ڏاهن جو خيال آهي ته شاهه عبداللطيف تي ڀڳت ڪبير جو اثر آهي. هنن جو اُهو چوڻ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته هر صوفيءَ جو هر خيال، انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ صوفي قدرت جي ذري ذري خلقيل شيءِ تي غور فڪر ڪن ٿا.

مددي ڪتاب:
پروفيسر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
محمد ابراهيم جويو، شاهه-سچل- سامي، روشني پبليڪيشن ڪنڍيارو
شاهه جو رسالو بمبئي وارو ڇاپو، ڪلياڻ بولچند آڏواڻي
شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر شاهه جي شاعريءَ تي ڀڳت ڪبير داس جو اثر Reviewed by bhangwarblogspot on 2:26 AM Rating: 5

No comments:

Powered by Blogger.